لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري لاءِ گذريل ڏينهن پوليس آپريشن دوران پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي پوليس آمهون سامهون ٿي وئي. گلگت پوليس جي اهلڪارن پنجاب پوليس تي هٿيار تاڻي ورتا جنهن سبب پنجاب پوليس پوئتي هٽي. ڪالهه اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس جي ڪارروائي دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي جنهن ۾ ڊي آءِ جي اسلام آباد سميت 51 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، پوليس مٿان پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ ۽ پيٽرول بم اڇلايا هئا جنهن سبب پوليس جي گاڏين کي باهه لڳي وئي هئي. پوليس اهلڪارن ڪارڪنن تي لاٺي چارج به ڪيو ۽ کين منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا پر ڪارڪن بدستور موجود رهيا. 3 درجن ڪارڪنن جي گرفتاري جو به اطلاع آهي.










