گلابي بس سروس پهرين مارچ کان 2 نون روٽس تي شروع ٿيندي

گلابي بس سروس پهرين مارچ کان 2 نون روٽس تي شروع ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پهرين مارچ کان ڪراچي جي وڌيڪ 2 نون رستن تي پيپلز پنڪ بس سروس هلائي ويندي.اهڙن خيالن جو اظهار ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.اجلاس کي خطاب ڪندي هن پهرين مارچ کان پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان انڊس اسپتال روٽ 2 ۽ نمائش چورنگي کان ڪلاڪ ٽاور سي ويو روٽ 10 تائين گلابي بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ان کان علاوه سندس چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ماڊل ڪالوني کان ٽاور روٽ ون تائين گلابي بس سروس جو فليٽ به وڌايو ويندو. ماڊل ڪالوني کان ٽاور پنڪ بس سروس روٽ ون تي بسون وڌائي رهيون آهن.شرجيل انعام ميمڻ اين آر ٽي سي کي هدايت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي وڌيڪ نون رستن تي سروي مڪمل ڪئي وڃي ۽ هاڪس بي روڊ تائين پيپلز بس سروس کي هلائڻ جو به جائزو ورتو وڃي.هن چيو ته هو چاهين ٿا ته پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جا وڌيڪ نوان رستا جلد شروع ڪيا وڃن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پي ڊي اين آر ٽي سي صهيب شفيق، آپريشنز مئنيجر عبدالشکور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو