گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمتن تي پابندي برقرار

گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمتن تي پابندي برقرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمتن تي پابندي برقرار رکي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري کاتن ۾ ملازمتن تي پابندي لاءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ بئريسٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت سرڪاري کاتن ۾ ملازمتن تي لاڳو پابندي تي منع نامي ۾ واڌ ڪندي گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمتن تي پابندي برقرار رکي. عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو