ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغان راڄڌاني ڪابل ۾ پاڪستاني حڪومت جي گرينڊ جرڳي ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن موجب پاڪستان جي گرينڊ جرگيءَ سان ڳالهين جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان جي گرينڊ جرگيءَ سان ڳالهين جو اعلان ڪيو آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت جي جرگي سان ڳالهيون ٻن ڏينهن کان ڪابل ۾ جاري هيون، گرينڊ جرڳي ۾ پشتون قوم، قبائلي عمائدين ۽ مذهبي عالمن شرڪت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون.










