گرونانڪ جي مندر ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ

گرونانڪ جي مندر ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ

ڪشمور(اصغر چانڊيو ) گرونانڪ جي 550 ھين جنم ڏينهن جي حوالي سان  گرونانڪ مندر ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي آيل مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون ڪشمور جي گرونانڪ مندر ۾ لڳايل فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ دماغ، دل، اسڪن ڏندن، جي ماھر ڊاڪٽرن 3 سئو کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو سکر جي نالي واري ڊاڪٽر لعل چند، عورتن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر پنڪي، ڊاڪٽر اوم، انيل ڪمار، روي ڪمار فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ حصو ورتوان موقعي تي فري ميڊيڪل ڪيمپ جي ميزباني ڪندڙ گر سنگت جي سروانند، وشن داس، سني ڪيسواڻي، صاحب راءِ اجيت ڪمار ۽ ٻين چيو ته پوري دنيا ۾ گرونانڪ جي جنم ڏينهن ملھائڻ جي حوالي سان ھر سال ھڪ مھينو پھرين مختلف شهرن ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون وينديون آهن ڪيمپ لڳائڻ جو مقصد غريب لاچار مريضن کي بھتر علاج فراهم ڪرڻ آهي جيڪو ڪشمور گر سنگت جي تعاون سان ڪشمور جي ھندو پنچائت گڏجي ڪيمپ منعقد ڪري آيل مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن ھنن چيو پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدتمند گرونانڪ جي جنم ڏينهن ملھائڻ لاءِ نانڪاڻہ صاحب پھچندا جتي گرونانڪ جو جنم ڏينهن جوش جذبي سان ملهايو ويندوميڊيڪل ڪيمپ جي اختتام بعد ملڪ پاڪستان جي سلامتي دعائون پڻ گهريون ويون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو