مٺي ( رپورٽ صادق بجير ) مٺي ۾ پوليس هٿان قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آء جي صوبائي اڳواڻ لجپت سوراڻي ۽ گومون ڀيل سميت 11 ڪارڪنن کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس تشدد ۾ زخمي ٿيل پي ٽي آء ڪارڪنن جون عدالت ۾ ذھني ۽ جسماني تشدد ڪرڻ جون شڪايتون، گرفتار ڪارڪن جيل حوالي، سوراڻي هائوس تي چڙھائي، عورتن ٻارن تي تشدد ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به پي ٽي آء جا سوين ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا،ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو، پوليس گردي خلاف نعري بازي خبر موجب مٺي پوليس گرفتار پي ٽي آ۽ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ لجپت سوراڻي گومون ڀيل، پرشوتم سوراڻي، سومار ڀيل، چندر ڀيل سميت 11 ڪارڪنن کي جڊيشنل مئجسٽريٽ ون مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن دوران گرفتار سياسي ڪارڪنن عدالت ۾ پوليس جي وحشياڻي تشدد جا واضع نشان ڏيکاريا ۽ شڪايتون ڪيون ته کين پوليس سياسي وفاداريون بدلائڻ لاء ذهني ۽ جسماني ٽارچر ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن اسان سان ڏوهارين ۽ جنگي قيدين جهڙو حشر ۽ ورتاء ڪيو ويو آھي جنهن ڪري اسان رتورت ۽ تشدد ۾ بي حال ٿي ويا آھيون هنن چيو ته پوليس اقتداري ڌر جي سياسي ڀوتارن جي ڌر بڻيل آھي اسانکي گهرن مان گرفتار ڪيو ويو ۽ گرفتاريون وري مختلف هنڌن تان ڏيکاريون ويون آھن اسانکي پوليس گرفتارين کانوٺي عدالت ۾ آڻڻ تائين مسلسل تشدف ڪيو آھي جنهن جا زخم اسانجي جسم تي ظاهر آھن اهڙي بيان بعد عدالت گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو پوليس کي ريمانڊ نه ڏنو ۽ کين جڊيشل ڪسٽڊي تحت جيل روانو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آ۽ اڳواڻ لجپت سوراڻي جي گهر تي پوليس جي چڙھائي ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پي ٽي آ۽ جي سوين ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو جنهن دوران ڪارڪنن ۽ پوليس وچم چڪريون پڻ ٿيون ان موقعي تي اڳواڻن نهالچند سوراڻي،سورومل ڀيل ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٿرپارڪر پوليس ونگاري بڻيل آھي،لجپت سوراڻي هائوس تي پوليس چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجي منزل تان ھٽائي نٿو سگهجي ، ايس ايس پي ٿرپارڪر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون،پرامن احتجاج ڪرڻ ھر شھري جو بنيادي ۽ جهموري حق آھي، ٿر پوليس غنڊاگردي جو راڄ قائم ڪري ويٺل آھي پولس گردي خلاف آخري دم تائين جدوجهد ۽ تحريڪ جاري رکي ويندي ٻي پاسي گرفتار پي ٽي آء جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري لجپت سوراڻي عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گهر اندر پوليس داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آھي،ايس ايس پي ٿرپارڪر ذاتي دشمني تي لهي آيو آھي،اڳ ۾ اسان جي پرامن احتجاج تي لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪري مون سميت منهنجي 150 ساٿين تي دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو.۽ هيئنر به منهنجي گهر تي چڙھائي ڪري مون کي گرفتار ڪري پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو،ايس ايس پي ٿرپارڪر کي فورن هٽائي ٿر جو امن بچايو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪورٽ سڳوري ۾ انصاف جي اميد رکون ٿا،ڪارڪن پرامن رهن،امپورٽيڊ حڪومت خلاف چيئرمين عمران خان ۽ مخدوم شاھ محمود قريشي جي هدايتن تحت جدوجهد جاري رهندي










