گرفتاري ڏيڻ بغير مشرف اپيل داخل نه ٿو ڪرائي سگهي؛ عدالت

گرفتاري ڏيڻ بغير مشرف اپيل داخل نه ٿو ڪرائي سگهي؛ عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت جي سزاءِ موت واري فيصلي خلاف جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي اپيل تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ رولز 1980 جي رول نمبر 8 جي آرڊر تحت اپيل تي اعتراض ڪندي ان کي واپس ڪري ڇڏيو جنهن مطابق مجرم انتظاميه سامهون پنهنجي گرفتاري پيش نه ٿو ڪري تيستائين پٽيشن وصول نه ڪئي ويندي. پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر خبر جي تصديق ڪندي چيو ته اها غير معمولي ڳالهه ناهي رجسٽرار آفيس جي آرڊر خلاف 30 ڏينهن اندر هڪ اپيل داخل ڪنداسين ان سلسلي ۾ پهريان ئي پنهنجا دليل تيار ڪري ڇڏيا آهن. واضح رهي ته گذريل مهيني خصوصي عدالت جي فيصلي ۾ پرويز مشرف کي سزاءِ موت ٻڌائي وئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ ۽ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي. ان باوجود پرويز مشرف سپريم ڪورٽ ۾ موت جي سزا واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو