گذريل 4 سالن کان وٺي اسڪول بند آهن کوليا وڃن:شاگرد

گذريل 4 سالن کان وٺي اسڪول بند آهن کوليا وڃن:شاگرد

ٽنڊو محمد خان ( ن س)ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ سانوڻ خان چانڊيو جي رهواسي غلام محمد چانڊيو ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته گذريل 4 سالن کان وٺي اسان جي ڳوٺ سانوڻ خان چانڊيو ديھ شورڪي جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول بنا ڪنهن سبب جي تعليم کاتي جي عملدارن پاران بند ڪيو ويو آهي ، ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي اختيارين کي بار بار لکت ۾ درخواستون پڻ ڏنيون ويون آهن پر ان تي ڪو به عمل ٿي نه سگهيو آهي ، هنن چيو ته پرائمري اسڪول بند هئڻ ڪري 100 کان مٿي ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويا آهن تازو سنڌ حڪومت بند ٿيل اسڪول کولڻ لاءِ نئيون ڀرتيون پڻ ڪري ڇڏيون آهن پر تعليم کاتي جا عملدار اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول کولي اتي استاد مقرر نه ڪرائي سگهيا آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ جو اسڪول کولرائي ٻارڙن جي تعليم کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو