گذريل 10 مهينن ۾ هڪ به ڪم آئين مطابق ناهي ڪيو : تحريڪ انصاف

گذريل 10 مهينن ۾ هڪ به ڪم آئين مطابق ناهي ڪيو : تحريڪ انصاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو اهي ته زلزلي جي باوجود ترڪ صدر پنهنجي ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو اسان وٽ گنگا ابتي وهي رهي آهي چونڊون تسليم نه ڪرڻ ۽ چونڊون نه ڪرائڻ سبب بنگلاديش وجود ۾ آيو هن وقت ملڪ ۾ ڳنڀير صورتحال آهي سنگل بئنچ تاريخي فيصلو ڪيو جنهن چونڊ عمل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي گذريل 10 مهينن ۾ هڪ به ڪم آئين مطابق ناهي ڪيو دوائن جي قيمتن ۾ 300 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا في يونٽ جو اضافو ٿي رهيو آهي پيٽرول جي قيمت 300 رپين تائين هلي ويندي اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي آفيس ۾ پي ٽي آئي سينٽرل پنجاب جي صدر ڊاڪٽر ياسين راشد جيل ڀريو تحريڪ جي فوڪل پرسن سينيٽر اعجاز چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ڊاڪٽر ياسين راشد چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ آئين جي پاسداري ڪندي 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو حڪم ڏنو آهي ڊور ٽو ڊور مهم ۾ هرڪوئي پڇي ٿو اليڪشن ڪڏهن ٿيڻي آهي اليڪشن ڪرائڻ حڪومت جي مجبوري بڻجي وئي آهي مريم ناوز جلسن ۾ چوي ٿي ته اسان اليڪشن کان نٿا ڊڄون جيڪڏهن اليڪشن کان نٿا ڊڄو ته لڪي ڇو رهيا آهيو هن چيو ته احتجاج ۾ ناڪامي ناهي ٿيندي احتجاج جمهوريت جو حسن ۽ اسان جو حق آهي هڪ مهيني کان لڳاتار مهانگائي جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون موجوده دور ۾ عوام کي ڪٿي ڪوئي رليف ناهي ڏنو ويو صحت ڪارڊ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن مريم بي بي پاڻ ته ٻاهر علاج ڪرائي رهي آهي هتي غريب کان صحت جي سهولت وٺڻ گهرجي هي ملڪ اوهان جي خاندانن کي امير ڪرڻ لاءِ ناهي ٺهيو صحت ڪارڊ هلندو ڇو ته اسان جو معاهدو ڪجهه اهڙي قسم جو آهي هن چيو ته عمران خان تي گولي ڪنهن جي چوڻ تي هلائي وئي اسان انهن جا نالا ٻڌايا حڪومت جي آئي ٽي سان ڇا ڪري رهي آهي وفاقي حڪومت ڪيئن جي آئي ٽي ٺاهي سگهي ٿي جڏهن پنجاب جي جي آئي ٽي ڪم مڪمل ڪري چڪي آهي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن ڪنهن کي نيڪالي ڏني ويندي هئي ته مٺايون ورهايون وينديون هيون اسان جي حڪومت کي ڪڍيو ويو ته ماڻهو احتجاج لاءِ ٻاهر نڪري آيا عمران خان جلسا ڪيا ننڍي چونڊ کٽي ڇا هن کان اڳ ڪڏهن ايئن ٿيو هن چيو ته حڪومت اسان کي ڪيسن کان ڊيڄارڻ چاهي ٿي هاڻي شوڪت ترين تي ڪيس ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي جيل ڀريو تحريڪ ڪامياب ٿي ويو جيلن ۾ 64 هزار ماڻهن کي رکڻ جي گنجائش آهي 84 هزار قيدي ته پهريان ئي جيلن ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو