اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گذريل مالي سال دوران پاڪستان چين کان 1.7 ارب ڊالر جي ري فنانسنگ سميت مجموعي طور تي 16.2 ارب ڊالر جا پرڏيهي قرض حاصل ڪيا. حڪومت پرڏيهي قرضن ۽ گرانٽس جي هدف کان 3.72 ارب ڊالر گهٽ حاصل ڪري سگهي، جنهن ڪري حڪومت پرڏيهي قرضن ۽ گرانٽس جو 19.92 ارب ڊالر وارو هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سرڪاري انگن اکرن موجب، گذريل مالي سال دوران سڀ کان وڌيڪ قرض ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) کان 953.74 ملين ڊالر حاصل ڪيو ويو.










