گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر هارين لاءِ اهم فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر هارين لاء اهم فيصلو. سنڌ حڪومت پاران 3 مرحلي ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي في هاري کي60 هزار رپياسبسڊي ڏيڻ جوفيصلو ڪيو ويو آھي جنھن ۾ هڪ ايڪڙ کان ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ 2 لک 34 هزار 313 هارين کي ڀاڻ جي صورت ۾ سبسڊي ڏني ويندي.وڏي وزيرجي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو وڌيڪ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي جي رقم في هاري کي 60 هزار رپيا ڏني ويندي,صرف رجسٽرڊ ھارين کي 14.059 بلين رپيا ڏنا ويندا. منظوروساڻ چيو ته ھڪ ايڪڙ ۽ ساڍي 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي هڪ جيتري ئي سبسڊي رقم ڏني ويندي, ٻئي مرحلي ۾ هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي جي رقم ڏيڻ جو بہ سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو