گجرات (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر گجرات ۾ ڪڪرالي ٿاڻي جي علائقي ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته هوٽل جي ڪمري مان 2 نوجوانن جا لاش هٿ آيا آهن. ذريعن مطابق گهر ۾ باههه لڳڻ جو واقعو ڪڪرالي ٿاڻي جي ڳوٺ گوڇ ۾ پيش آيو. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون. باهه لڳڻ جو واقعو صبح سوير پيش آيو حادثي ۾ ماءُ سميت 2 پٽ ۽ 3 ڌيئرون شامل آهن. ٻئي طرف گجرات جي هڪ نجي هوٽل جي ڪمري مان 2 نوجوانن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. واقعو جي ٽي ايس چوڪ ۾ واقعي عرب ڪيفي ۾ پيش آيو جتان ريسڪيو عملو هوٽل جي بند ڪمري مان ٻن نوجوانن جي پراسرار موت جي خبر ملي. جڏهن ته فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ هوٽل جي ملازمن مبشر ۽ شوڪت جي نالن سان ٿي آهي. ڊي ايس پي گجرات جو چوڻ آهي ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي تحقيقات جاري آهي.










