ڪراچي ( م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان ريگوليٽري ڊيوٽي ۾ واڌ بعد استعمال ٿيل درآمد گاڏين جي اگهن ۾ سئو سيڪڙو واڌ جي نتيجي ۾ استعمال ٿيل درآمد گاڏيون به پهچ کان پري ٿي ويون آهن.ريگوليٽري ڊيوٽي وڌڻ سان 3 سال پراڻي 800 سي سي گاڏي تي ڪسٽم ڊيوٽي جي گڏيل ماليت 8 لک 50 هزار مان وڌي 20 لک 14 هزار رُپيا، 800 کان 1000 سي سي گاڏين تي 10 لک 86 هزار مان مان وڌي 24 لک 15 رُپيا، 1000 کان 1300 سي سي تائين گاڏين تي ڊيوٽي 26 لک 96 هزار مان وڌي 56 لک 36 هزار رُپيا ٿي وئي آهي.1300 کان 1500 تائين گاڏين تي ڊيوٽي جي ماليت 37 لک 98 هزار رپين مان وڌي 79 لک 37 هزار رُپيا، 1500 کان 1600 سي سي تائين جي گاڏين تي درآمد ڊيوٽي 45 لک مان وڌي 87 لک رُپيا جڏهن ته 1600 کان 1800 سي سي تائين جي گاڏين تي ڊيوٽي جي گڏيل ماليت 55 لک 86 هزار مان وڌي هڪ ڪروڙ 8 لک رُپين تائين پهچي وئي آهي.1300 کان 1800 سي سي تائين جي هائبرڊ گاڏين تي درآمد ڊيوٽي ۾ 20 لک کان 26 لک رپين تائين جي واڌ ٿي آهي.










