گال (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان جا سمورا بيٽسمين پويلين موٽي ويا ۽ سريلنڪا کي اڃا تائين 147 رنسن جي سرسي حاصل آهي.پاڪستاني ٽيم رڳو 231 رنسون ٺاهي سگهي ۽ سريلنڪا جي شاندار بالنگ پاڪستاني بيٽسمينن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.پاڪستان طرفان آغا سلمان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، هن 62 رنسن جي اننگز کيڏي.ان کان علاوه امام الحق 32، محمد رضوان ۽ فواد عالم 24، 24 جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.عبدالله شفيق بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته محمد نواز 12 ۽ حسن علي 21 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.
سريلنڪا جي پهرين اننگز
ان کان اڳ گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن سريلنڪا پنهنجي پهرين اننگز 315 رنسن تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي ٻيهر شروع ڪئي، ناروشن ڊڪولا 42 ۽ ڊونٿ ويلا 6 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.جڏهن ته نسيم شاهه پهريان 51 رنسن تي ڊڪ ولا ۽ پوءِ 11 رنسون ٺاهي ويلا ليج کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.رميش مينڊس 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته پربت جياسوريا 8 رنسون ٺاهي ياسر شاهه جي وڪيٽ ورتي.پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ ياسر شاهه 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته محمد نواز 2 ۽ نعمان علي هڪ وڪيٽ ورتي.










