گاج ڊيم ۾ ناقص مٽيريل جو نوٽيس وٺو ۽ جاچ ڪرايو، ايس يو پي

ڊرگھ بالا( رپورٽ جي ايم لنڊ)ايس يو پي تعلقه جوھي جي آڳواڻ غلام قادر لغآري پريس ڪلب ڊرگھ بالا ۾ صحافين سان ڳالھآئيندي چيو ته ڪاڇي جي گاج ڊيم جي ڪم ۾ ناقص ميٽريل استعمال ٿيڻ سبب اھو ڪاڇي واسين لاء موت جو سبب بڻبو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ناقص مٽيريل جي استعمال جو نوٽيس وٺو ۽ جاچ ڪرايو. ھن وڌيڪ چيو ته گاج ڊيم تي مقامي ماڻھن کي روزگار به نه پيو ڏنو وڃي ۽ ان باري ۾ جيڪو ڳالھ ڪري ٿو ته ان تي ڊي بلوچ ڪمپني وارا پوليس جي مدد سان کين حراسان ڪن ٿا. هن چيو ته علائقي ۾ صحت ۽ تعليم جا مرڪز ته آهن پر عملو غائب آهي ۽ عمارتن تي بااثرن ڀوتارن قبضا ڪري پنھنجون اوطاقون ٺاهي ڇڏيون آهن. ڪاڇي جي مختلف گرلس پرائمري توڙي مڊل اسڪولن ۾ فيمل ماسترياڻيون سالن کان گھرويٺي پگھآرون کڻن پيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو