گاج ڊيم منصوبو مڪمل نه ٿيو، مشينري ۽ عملو واپس

گاج ڊيم منصوبو مڪمل نه ٿيو، مشينري ۽ عملو واپس

ڊرگھ بالا (محمد اسماعيل لانگاھ ) دادو ضلعي ۽ ڊرگھ بالا شهر کان ويجهو جابلو ندي نئين گاج تي سنڌ جو سڀ کان وڏو ٺھندڙ، پاڻي ۽ بجلي پيدا ڪندڙ منصوبو گاج ڊيم سپريم ڪورٽ جي سخت هدايتن باوجود ڪم مڪمل ڪرائڻ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي  ڊيم تي خرچ ڪيل ڪروڙين رپيا ٻُڏي ويا، ڪمپني پاران مزدور، عملو ۽ مشينري واپس ڪيا ويا. 

انتظاميه پاران لکين رپين جا ٺھرايل ايئرڪنڊيشن ڪوارٽر ۽ ٽينٽ سٽي ويران پيل ڪم رڪجي وڃڻ ڪري ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڊي بلوچ ڪمپني هزارين مڻ ڪٻاڙ ۽ ٻيو سامان کپائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گاج ڊيم جو ڪم بند هئڻ ڪري ڪمپني پاران سامان جي نگراني ڪندڙ گاج ڊيم ملازمن بجلي کاتي جو سيڪيورٽي گارڊ گاج پوليس سان ملي ڪري وڏين وڏين گاڏين جو ڪٻاڙ، بيٽريون، ٽائر ڳجھ ڳوھ ۾ ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. اعليٰ انتظاميه جي نااهلي سبب ڊي بلوچ ڪمپني جا گاج ڊيم تي مقرر ٿيل  آفيسر اگهور ننڊ ڪرڻ ۾ مصروف آهن چوڪيدار ۽ سيڪيورٽي گارڊ گاج  ٿاڻي پوليس سان ملي ڪري سامان کڻي وڃڻ لڳا آهن. سامان چوري جي خبرن بعد ڊي بلوچ ڪمپني جو ڪوبه ذميوار آفيسر جانچ لاء نه پهتو آهي.

ياد رهي ته سن 2006ع ۾ 11 ارب رپين جي لاڳت سان ڊيم جي ڪم جوبنياد رکيو ويو هو جنهن کي پنجن سالن ۾ مڪمل ڪري 4.5 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻي هئي وفاقي وزير بجلي، واپڊا چيئرمين سميت اعليٰ اختيارين ڊيم جا وزٽ ڪيا پر ڪوبه عمل درآمد نه ڪرايو ويو شروعاتي ڪم ۾ ڪرپشن ٿيڻ سان ڪم کي اينگهايو ويو جيڪو  وڏي عرصي گذرڻ باوجود رولڙي ۾ پيل آهي سنڌ ۽ وفاق ۾ تڪرارن سبب ڊيم جو ڪم مڪمل ٿيڻ هينئر ناممڪن لڳي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو