اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي پنجاب ۾ ڪڻڪ جي کوٽ بابت وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان 10 لک ٽن ڪڻڪ جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته خط ۾ هن پنجاب کي 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فوري فراهمي جي درخواست ڪئي آهي.پنجاب جي وڏي وزير پاران وفاق کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ پاسڪو واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون وڃن، باقي ڪڻڪ به مرحليوار فراهم ڪئي وڃي، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي فراهمي فوري طور قدم کنيا وڃن.ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي تصديق ڪئي آهي ته ڪڻڪ جي معاملي تي وفاق کي خط لکيو ويو آهي.مونس الاهي چيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت پنجاب جي عوام سان ظلم ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت اسان کي ڪڻڪ ۾ پنهنجو حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي به اجازت نه ڏئي رهي آهي.اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جو بحران آهي، اميد آهي ته وفاق کي پنجاب جي وڏي وزير جي خط مان بهتر احساس ٿيندو.پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي معاملي تي لاڳاپيل ادارن کي پهريون خط 18 جون، ٻيو 19 سيپٽمبر ۽ ٽيون 4 آڪٽوبر تي لکيو آهي.










