ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ ملوث 2 ڪسٽم آفيسر معطل

اسلام آباد (بيورر رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي معاون خصوصي اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ اسلام آباد ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ ملوث ڪوئيٽا ڪليڪٽوريٽ جي 2 ڪليڪٽرن کي معطل ڪيو ويو آهي. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته اسمگلنگ ۾  ملوث ٻنهي اهلڪارن کي ان جي عهدن تان هٽائي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ افغان بارڊر طورخم تي ڪسٽم اهلڪارن اسمگلنگ جي نشاندهي ڪئي ۽ 355 گاڏين جي نشادهي کان پوءِ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نظام کان ڪرپشن جو خاتمو وزيراعظم جي خواهش آهي وزيراعظم چيو آهي ته احتساب جو عمل منطقي انجام تائين پهچائيندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ لاءِ آيا آهيون. ياد رهي ته گذريل مهيني کان ملڪ اندر اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب اٽي جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. جڏهن ته اقتصادي رابطا ڪميٽي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي به منظوري ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو