ڪڍڻ واسين جو حيسڪو خلاف احتجاج ،روڊ بلاڪ،بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو

ڪڍڻ واسين جو حيسڪو خلاف احتجاج ،روڊ بلاڪ،بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو

بدين(ن سنڌيار)ھڪ ھفتي کان وڌيڪ ڪڍڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي بجلي مين لائين 66 ھزار ڪي وي جا ٿنڀا ڪرڻ سبب شھر ۾ اونڌارو شھرين جو پريس ڪلب ڪڍڻ اڳيان 3 ڪلاڪ ڌرڻو حيسڪو خلاف ڇتي نعريبازي حيسڪو جي نااھل آفيسرن کي ھٽائڻ جا زوردار نعرا شھرين ڌرڻي ۾ دانھون ڪندي چيو ته اسين ھڪ ھفتي کان پيئڻ جي پاڻي سميت اٽي جي چڪين نه ھلڻ ڪري اٽي جي بحران کي منھن ڏئي رھيا آھيون ۽ موبائل فون سميت بجلي سان لاڳاپيل سڄو ڪارو بار شھر جو ٺپ ٿي ويو آھي رات جي وقت مڇرن جي آزار سبب شھري جاڳي راتيون گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پاڻي جي بحران جنم ورتو آھي شديد گرمين ۾ زندگي زھر بڻجي ويئي آھي ڌرڻي کي مولوي الله بخش نوتيار سيد حسن علي شاھ شاهد علي نوتيار محمد جمن واھرو گل محمد گرگيز دلاور حسين خواجا غفور چانڊيو مير محمد بجير رضا شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو ڌرڻي سبب بدين ۽ علي بندر ايندڙ ويندڙ روڊ بند ٿي ويو وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھجي ويون ايس ايڇ او حيسڪو اختيارن کي صورتحال کان آگاھ ڪري شھرين کي يقين ڏياريو ته ضلعي انتظاميا ۽ حيسڪو کي صورتحال کان آگاھ ڪري ڪوشش ڪري لائيٽ بحال ڪرائبي شھري عذاب ۾ آھن شھرين جو جائز مسئلو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو