غوثپور (رپورٽ عبدالنبي ملڪ) سنڌ ھا۽ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم ملڻ بعد ڪشمور پوليس جو ڪچي جي علائقي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي عرفان سمون عدالتي حڪم ملڻ کانپو۽ ڪچي ۾ موجود روپوش ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن تيز ڪري ڪيترن ئي ڏوھارين جي ٿاڪن کي باھيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو آھي۔ ڪشمور پوليس پاران ڪچي ۾ ڏوھارين جي ڪارواين کي روڪڻ لا۽ پنج پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ جي دعوا به ڪئي آھي۔ڪجھ عرصو اڳ ڪچي جي ڏوھارين پاران ڪشمور پوليس کان پل جو ڀتو گھرڻ لا۽ گھوٽڪي پل جي اڏاوتي ڪم کي روڪڻ جون ڌمڪيون مليون ھيون جنھن بعد ڪشمور پوليس ڪچي ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪري پل جو ڪم ٻيھر شروع ڪرائي ڇڏيو آھي۔ ڪشمور جي ايس ايس پي عرفان سمون اھو به چيو ته پنڌرھن پوليس پڪٽون ڪچي اندر قائم ڪيون وينديون ته جيئن ڪچي کان پڪي طرف ايندڙ جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين کي وارداتون ڪرڻ جو آسان موقعو نه ملي سگھي۔










