ڪچي آبادين کي ٽيڪس نيٽ تي آڻڻ لاءِ فوري موثر قدم کنيا وڃن: سي اي او/ سي او او

ڪراچي (پ ر ) شهر جي مختلف ڪچي آبادين کي واٽر بورڊ ٽيڪس نيٽ تي آڻڻ لاءِ فوري طور تي سٺي حڪمت عملي اختيار ڪندي موثر قدم کنيا وڃن تہ جيئن ڪچي آبادي جي رھائشين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن، شهرين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ ڊجيٽل ايپ ٺاهي ويندي تہ جيئن شهرين جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن، شهرين کي بنا وقفي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي ۽ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آھي تنهن ڪري شهرين کي پاڻي جي فراهمي نہ ٿيڻ جي شڪايتن کي فوري طور حل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ان عمل ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي برداشت نہ ڪئي ويندي جڏهن تہ وال سسٹم کي وڌيڪ بهتر بڻائي شهرين کي پاڻي جي فراهمي کي بنا ڪنهن فرق جي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان واٽر بورڊ انتظاميا شهر جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ شهر ۾ پاڻي وارن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل سمورن ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري پڻ موجود هئا، اجلاس دوران آفيسرن کي هدايتون ڏيندي سي اي او واٽر بورڊ وڌيڪ چيو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪندي موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن ۽ شهرين کي پاڻي جي فراهمي نہ ٿيڻ جي شڪايتن کي فوري طور حل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ان عمل ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪوتاهي برداشت نہ ڪئي ويندي، ھن چيو پاڻي جي سمورين لائينن جو مڪمل معائنو ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪا لائين ليڪ يا خراب ٿي وئي ھجي تہ ان جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪئي وڃي ۽ لائينن ۾ موجود ليڪيجز جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن مسئلن ۽ شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي خاتمو ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لا وڌيڪ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، هن جو چوڻ هو تہ مون کي پوري اميد آهي تہ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم پنھنجي ماضي جي روايتن کي برقرار رکندي مستقبل ۾ بہ شهرين جي خدمت جاري رکندي سڄي شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ وڌيڪ موثر ۽ تڪڙا قدم کڻندا رھندا تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ ڏکيائين ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان واٽر بورڊ انتظاميا شهر جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو