ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي آسٽريليا موڪليندڙ سامان مان 20 ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف ترجمان موجب ڪراچي ۾ مختلف ڪاررواين دوران مجموعي طور تي ڪروڙين رپين جي ماليت جي 30 ڪلو گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي، ڪارگو مان بر آمد ڪيل هيروئن ڪپڙن ۾ لڪائي مٿان سلائي ڪري اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. ترجمان ٻي ڪارروائي ۾ سري لنڪا موڪلي ويندڙ پارسل مان 3 ڪلو هيورئن برآمد ڪئي آهي. جنهن کي عورت وڏي مهارت سان ڪپڙن ۾ لڪايو هو. ترجمان موجب ڪوريئر ڪمپني طرفان آسٽريليا موڪليندڙ پارسل مان 7 ڪلوهيروئ هٿ ڪئي وئي، هٿ آيل هيروئن ٽن ُ نماز وارن مُصلن ۾ لڪائي وئي هئي، سموري منشيات هٿ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










