عادلپور (ن س)عادلپور ويجھو لنڪ روڊ کي ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش اطلاع تي مختلف ڳوٺن جا سوين ماڻهو ڪٽ واري هنڌ پهچي ويا انتظاميا ڪٽ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي مزاحمت تي واپس جان محمد سوسائٽي ويجھو ڳوٺ صالح مھر وٽان لنڪ روڊ کي ڪٽ ڏيڻ لاءِ اي سي خانڳڙھ ۽ ايس گھوٽڪي آبپاشي عملدارن مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ چئن پوليس موبائلن سميت پوليس جي وڏي نفري سان گڏ پهچي وياعلائقي واسي سوين ماڻهو گڏ ٿي مزاحمت ڪندي ڪٽ نه هڻڻ ڏنو ويو ان موقعي تي موجود مقامي ماڻھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صالح مھر لنڪ روڊ کي ڪٽ ڏيڻ لاء اي سي خانڳڙھ آبپاشي عملي سميت وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري ھتان ڪٽ ڏيڻ چاھي ٿو ڪٽ سبب اسان جا گھر پاڻي ۾ ٻڏي ويندا جنھن لاء اسان مزاحمت ڪنداسين ۽ ڪنھن به صورت ڪٽ ھڻڻ نه ڏينداسين علائقي واسين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته برسات کي مھيني کان وڌيڪ ڏينھن گذري ويا آھن اي سي خانڳڙھ اسان وٽ لڙي نه آيو پر ھاڻي اي سي خانڳڙھ ڪجھ بااثرن کي خوش ڪرڻ لاء زبردستي ھتان ڪٽ ڏئي اسان کي ٻوڙائڻ چاھي ٿو ھوڏانھن اي سي خانڳڙھ بار بار صحافين پاران موقف ڏيڻ ۽ صحافين جي پڇيل سوالن جي جواب ڏيڻ کان لنوائيندو رھيو










