ڪُڪڙ کي ڀتر هڻڻ تان هلندڙ جهيڙي جو نبيرو،4 لک ڏنڊ

ڪُڪڙ کي ڀتر هڻڻ تان هلندڙ جهيڙي جو نبيرو،4 لک ڏنڊ

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) 2 مهينا اڳ جانورين ۽ بروهين جي ٻن ڌرين ۾ ڪُڪڙکي ڀترهڻي مارڻ واري معمولي ڳالهه تان جيهڙو ٿيو هو، جنهن سبب ٻنهي ڌرين جا 14 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. بنهي ڌرين ٿرڙي محبت ٿاڻي تي هڪ ٻئي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي چڏي هئي ڪافي عرصي کان ٻنهي ڌرين ۾ چڪتاڻ هلندڙ هئي. ٻنهي ڌرين جي نيڪ مردن ديدارخان جانوري، محمد امين مينگل، اعظم مينگل جي وچ ۾ راڄوڻو فيصلو ميهڙ جي نيڪ مرد ديدار خان جانوري ڪيو جتي ٻنهي ڌرين جي شاهدن ۽ مشيرن جون ڳالهيون ٻڌيون ويو جنهن ۾ جانوري برادري ڏوهي قرار ٿي جن تي  فيصلي ڪندڙ ديدار جانوري مجموئي طور 4 لک رپيا ڏنڊ ۽ بروهي برداري جي سليمان بروهي وٽ ميڙ وٺي وڃڻ جو فيصلو ٻڌايو جنهن بعد چڱن مڙسن ٻنهي برداري جي وچ ۾ ٿيل وڇوٽين کي دور ڪري ڌرين کي  ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو