ڪي پي ۾ مڪاني چونڊون 15 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي حڪومت صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته ٻن مرحلن ۾ چونڊ ڪرائي ويندي. پهرين مرحلي ۾ وليج ۽ نيبرهوڊ ڪائونسل جي چونڊ 15 ڊسمبر تي ڪرائي ويندي ۽ ٻئي مرحلي ۾ تعلقي سطح تي چونڊ ايندڙ سال 25 مارچ تي ڪرائي ويندي. مڪاني ادارن واري وزير ڪامران بنگش جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ڪورونا ۽ بعد ۾ فاٽا جي انضمام بعد حد بندين سبب وقت تي مڪاني چونڊون نه ڪرائي سگهياسين، هاڻي اسين تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو