ڪي پي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول ملتوي

ڪي پي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول ملتوي

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ضمني چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي.پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ ۽ ضمني چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪندي 16 ۽ 19 مارچ تي ٿيندڙ ضمني چونڊن جو شيڊول به ملتوي ڪري ڇڏيو. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته خيبرپختونخواهه جي 24 قومي سيٽن تي ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو