پشاور /لاهور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ تيز برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 23 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڊي جي ريسڪيو 1122 موجب بنون ۾ تيز برساتن سبب ڇت ۽ ڀتيون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي جڏهن ته 73 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ڊي جي ريسڪيو 1122 جو چوڻ آهي ته لڪي مروت ۾ ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ڪرڪ ۾ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ جي واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.اسپتال ذريعن موجب فوتين ۾ 4 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آهي. ڊي جي ريسڪيو 1122 جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه پنجاب جي ضلعي خوشاب جي شهر نورپور ٿال ۾ تيز هوائن ۽ برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته گوجرانوالا ۾ تيز هوائن سبب حادثن ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.لاهور ۾ ڏينهن کانپوءِ ٿڌي هوا ۽ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪيو ويو، شام جي وقت تيز هوائن ۽ برسات پئي، هوائن جي رفتار 111 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي، تيز برسات ۽ هوائن سبب ليسڪو ريجن جا 80 فيڊر ٽريپ ٿي ويا. آءِ اي جي فلائيٽ کي به لينڊ ڪرڻ نه ڏنو ويو.فيصل آباد جي رضا آباد واري علائقي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، جڏهن ته کُرڙيانوالا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
وزيراعظم پاران افسوس جو اظهار
وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جا قدم يقيني بڻائين.وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي امدادي سرگرمين ۾ تنظيمن جو ساٿ ڏيڻ جي هدايت ڪندي امدادي سرگرمين ۽ نقصان جي حوالي سان 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم سامونڊي طوفان ’بائپر جوئي‘ کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدمن جي اڳواٽ ئي هدايت ڪئي آهي.










