اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي 23 نومبر کان انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جزوي طور تي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اسلام آباد، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ٿي سگهي ٿي.پي ٽي اي پاران 22 نومبر کان موبائل انٽرنيٽ سروس تي فائر وال فعال ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته فائر وال فعال ٿيڻ سبب انٽرنيٽ سروس سست ٿي ويندي جڏهن ته سوشل ميڊيا ايپس تي وڊيوز، آڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي سگهندا.صورتحال جي لحاظ کان، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس ڪنهن به وقت ڪجهه هنڌن تي معطل ٿي سگهي ٿي.










