ڪي پي چونڊون، اليڪشن ڪميشن جو  گورنر کي خط

ڪي پي چونڊون، اليڪشن ڪميشن جو گورنر کي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه جي گورنر کي به خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ چونڊن بابت اوهان جي جواب جو انتظار آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ صدر کي خط اماڻيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ملڪ جي صدر ٻنهي اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ 9 اپريل ڏني هئي.بعد ۾ سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺندي پنهنجي فيصلي ۾ ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو