ڪي پي پنجاب چونڊون،مسيحي برادري جي تاريخ جي تبديلي لاءِ درخواست

ڪي پي پنجاب چونڊون،مسيحي برادري جي تاريخ جي تبديلي لاءِ درخواست

اسلام آ باد(بيورو رپورٽ)اقليتي برادري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪئي.سپريم ڪورٽ ۾ سموئيل پيارا نالي شخص طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مسيحي برادري جا حق پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ عام چونڊن سان به جڙيل آهن.درخواستگذار چيو ته صدر پاڪستان طرفان ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊن لاءِ ڏنل تاريخ تبديل ڪئي وڃي، 9 اپريل تي عيسائي برادري جو مذهبي تهوار ايسٽر جو ڏينهن آهي ۽ ٻنهي صوبن جي عيسائي برادري ايسٽر جي عيد ۾ مصروف هوندي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 7 اپريل تي گڊ فرائيڊ جو ڏينهن به مقدس ڏينهن آهي، ان ڪري ٻنهي صوبن ۾ 7 يا 9 اپريل تي عام چونڊون نه ڪرايون وڃن، عيسائين جي حقن کي نظر ۾ رکندي درخواستگذار کي گهرجي ته پاڻمرادو نوٽيس ۾ ڌر بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو