اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ۾ دهشتگردن کي واپس ڪير وٺي آيو هو؟ ڪنهن چيو هو ته هي جهادي پاڪستان جا دوست آهن؟ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ مٿس تنقيد ڪندي سوال اٿاريا. وزيراعظم چيو ته گذريل 10 سالن ۾ ڪي پي ڪي کي ايڏي وڏي رقم ملي آهي پر هو چون ٿا ته پئسا نه مليا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه کي 417 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، 417 ارب رپيا ڪٿي استعمال ٿيا؟ چيو وڃي ٿو ته اسان کي پئسا نه مليا پر ساليانو 40 ارب مليا، اهو پئسو پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهتري لاءِ استعمال ٿيڻو هو، پر خدا ڄاڻي اها رقم ڪيڏانهن وئي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي ساليانو 40 ارب رپيا ملندا آهن، ايتري رقم ڪنهن ٻئي صوبي کي نه ملي، چئني صوبن گڏجي اها رقم ڏني، ڪنهن کي خبر ناهي ته هي پئسو ڪيڏانهن ويو، گذريل ڏهن سالن کان ڪي پي ڪي کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو. گذريل ڏهن سالن کان اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي لعنت ٻيهر اڀري رهي آهي، سوال اهو آهي ته انهن دهشتگردن کي ڪنهن واپس آندو؟ پاڪستان جو امن ڪيئن بگڙي ويو؟ ڪنهن چيو ته اهي جهادي ۽ پاڪستان جا دوست آهن؟ ڪنهن چيو ته هي ماڻهو هٿيار ڦٽا ڪري ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺندا؟ وزيراعظم گڏيل ڪوششن ذريعي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي مناسب قدم نه کنيا ويا ته پاڪستان ۾ دهشتگردي پکڙجي ويندي.










