ڪي پي او حملو: دهشتگردن جي گاڏي مان ڇا مليو؟ فرانزڪ مڪمل

ڪي پي او حملو: دهشتگردن جي گاڏي مان ڇا مليو؟ فرانزڪ مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي جاچ جاري آهي، جنهن ۾ اختيارين مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن. جاچ اختيارين موجب دهشتگردن پاران استعمال ڪيل گاڏي جي فرانزڪ جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، فرانزڪ دوران حملي آورن جا 5 فنگر پرنٽس حاصل ڪيا ويا، جن جو رڪارڊ نادرا چيڪ ڪري رهيو آهي. جاچ اختيارين موجب دهشتگردن جي گاڏي مان حملي آور جا بوٽ، ٽوپي، جيڪٽ، جراب ۽ رومال هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته گاڏي مان رسي، پلاسٽڪ جي چادر، ڪلاشنڪوف ميگزين ۽ بوري به هٿ ڪيا ويا. جاچ اختيارين موجب گاڏي جي اصل مالڪ جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو