ڪي پي او تي حملو ڪندڙ 2 دهشتگردن جي خاندانن جي ڳولا شروع

ڪي پي او تي حملو ڪندڙ 2 دهشتگردن جي خاندانن جي ڳولا شروع

پشاور(ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي حملي ۾ مارجي ويل وڌيڪ ٻن دهشتگردن جي وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب مارجي ويل ٻن دهشتگردن جو تعلق اتر وزيرستان سان آهي، ٻنهي دهشتگردن جي حالت آءِ ڊي پيز آهي.پوليس ذريعن موجب دهشتگرد ذالا نور جو تعلق اتر وزيرستان جي تعلقي دته خيل مدخيل سان آهي، آپگهاتي بمبار مجيد نظامي جو تعلق به وزيرستان جي تحصيل دتہ خيل سان آهي، پوليس آفيس تي حملي ۾ مارجي ويل ٽيون دهشتگرد ڪفايت الله لڪي مروت جو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو