پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان سميت 3 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان خلاف قتل، اراده قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي. هن جو مقامي ماڻهن سان ملڪيت تي تڪرار هلي رهيو آهي. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 3 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.پوليس موجب قتل ۽ قتل جي ارادي واري ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پوليس عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار کي ريگي ٿاڻي جي حد ۾ عيسيٰ خيل قوم جي جلوس مٿان فائرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊيره اسماعيل خان جي مقامي عدالت مان عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جوابدار کان وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.










