ڪي پي،سيلابي ريلن سبب تباهيون،4 ضلعا آفٽ سٽيل قرار،200 کان وڌيڪ فوت

ڪي پي،سيلابي ريلن سبب تباهيون،4 ضلعا آفٽ سٽيل قرار،200 کان وڌيڪ فوت

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ هن مهل تائين 110 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ريسڪيو اختيارين موجب گذريل رات خيبر پختونخواه جي باجوڙ ضلعي جي سالارزئي تحصيل جي جبڙائي علائقي ۾ آيل تيز ٻوڏ ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، ڳنڍيل روڊ ۽ پل وهي ويا. اختيارين موجب مختلف حادثن ۾ هاڻي تائين 21 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 7 ماڻهو گم آهن ۽ ڳولا جاري آهي،ٽن زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف گذريل رات مانسهره ضلعي جي بٽگرام علائقي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سان ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا. بٽگرام ۾ 7 ماڻهو فوت ٿيا ۽ شانگلا ۾ هڪ شخص فوت ٿيو.پوليس موجب علائقي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ وڏي تعداد ۾ مال به ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جا تفصيل پڻ جاري ڪيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو،خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ 110 کان وڌي ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ نقصان بونير ضلعي ۾ ٿيو.اٿارٽي جو چوڻ آهي ته بونير ۾ 12 کان وڌيڪ ڳوٺ ڪڪر ڦاٽڻ سان سخت متاثر ٿيا، مينهن، ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بونير، باجوڙ، مانسهره ۽ بٽگرام کي آفت زده ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، متاثر ضلعن ۾ امدادي ٽيمن جو تعداد وڌيڪ وڌايو ويو آهي، جڏهن ته طبي عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.آفيسرن جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، ۽ امدادي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف، پير بابا اسپتال بونير جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر امتياز جو چوڻ آهي ته پير بابا ۽ ان جي آس پاس ۾ 43 لاش آندا ويا آهن، جن ۾ 25 عورتون ۽ 18 ٻار شامل آهن. ان دوران، ڊپٽي ڪمشنر بونير تصديق ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ پاڻي جي ريلين سبب 75 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 56 ماڻهن جا لاش اسپتال آندا ويا آهن. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته بونير ۾ ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو گم آهن، ۽ ڳولا جاري آهي. ڪڪر ڦاٽڻ سان لڳ ڀڳ 12 ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن ڪري بچاءُ ٽيمون متاثر علائقن تائين نه پهچي سگهيون آهن. آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ کان پوءِ دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ اچڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 6 ماڻهن سميت 8 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ برسات کان پوءِ مختلف حادثن ۾ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا. آزاد ڪشمير حڪومت تيز برساتن سبب تعليمي ادارا ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن،هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي ۾ ٻوڏي واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ فوتين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو،هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير کي فون ڪيو،ترجمان موجب وڏي وزير سنڌ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو، وڏي وزير سنڌ خيبر پختونخواهه جي چانگي بندا ويجهو هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ پنجن اهلڪارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، موت جو شڪار ٿيل اهلڪار عوام جي خدمت ڪرڻ جي مشن تي هئا، عوامي خدمت ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪندڙ اسان جا هيرو آهن، متاثره خاندانن سان دلي همدردي ۽ صبر جي دعا،سنڌ حڪومت غم جي گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان گڏ آهي،

خيبر پختونخوا حڪومت جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار، 3 ڄڻا شهيد
خيبر پختونخوا حڪومت جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر باجوڙ ويندي ضلع مهمند ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا شهيد ٿي ويا.هيلي ڪاپٽر پشاور کان باجوڙ ويندي رستي ۾ گم ٿي ويو، ۽ ضلع مهمند پهچڻ کان پوءِ ان سان رابطو ختم ٿي ويو.چيـف سيڪريٽري خيبر پختونخوا مطابق، خراب موسم سبب هيلي ڪاپٽر چينگي بانڊه ۾ ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.ذريعن موجب، مهمند جي ڀرپاسي علائقن ۾ ڌماڪي جي آواز پڻ ٻڌي وئي، اطلاع موجب، حادثو خراب موسم جي ڪري پيش آيو، جڏهن ته ٻين سببن جي تصديق بعد ۾ ڪئي ويندي.وزيراعليٰ چيو ته هيلي ڪاپٽر باجوڙ ۾ امدادي سامان وٺي وڃي رهيو هو، پر خراب موسم سبب حادثو پيش آيو۔ هن چيو ته صوبي جي حڪومت هن ڏکئي گهڙي ۾ متاثرن سان گڏ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيندي۔ متاثرن کي هر ممڪن رليف ڏنو ويندو ۽ سيلاب ۾ ڦاٿل ماڻهن جي بچاءَ لاءِ ڪارروايون جاري آهن۔

ڪي پي حڪومت جو ڪريش ٿي ويل ھيلي ڪاپٽر

پهنجو تبصرو موڪليو