پشاور (ويب ڊيسڪ) گذريل 3 ڏينهن ۾ خيبر پختونخواه ۾ دهشتگردن 10 هنڌن تي حملو ڪيو آهي.خيبر پختونخواه پوليس موجب، گذريل 3 ڏينهن ۾ پشاور، ديرپور، لوئر دير، شانگلا ۽ بنون ۾ دهشتگردن پوليس تي حملو ڪيو آهي.پوليس چيو ته 14 آگسٽ جي رات پشاور ۾ 3 هنڌن تي حملو ڪيو ويو. دهشتگردن پوليس پوسٽن ۽ حسن خيل پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو، جڏهن ته 15 آگسٽ جي صبح جو ناصر باغ روڊ تي پوليس وين تي ڌماڪو ٿيو.خيبر پختونخواه پوليس موجب، دهشتگرد حملن ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا.










