ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان

ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي جو عوام وڌندڙ لوڊشيڊنگ خلاف سراپا احتجاج آهي، پوليٽيڪل ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري مڪاني ادارن جي چونڊن جي تياري ڪئي پئي وڃي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، ڪراچي لاءِ عملي طور تي ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، اپريل جي آخر ۾ هن ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ بابت وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو هو.هن چيو ته هاڻي پيپلز پارٽي به وفاق ۾ آهي ته ڪو مسئلو نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم ڪراچي کي پاڻي ڏئي ۽ ٽينڪر مافيا کي روڪڻ گهرجي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جو چوڻ هو ته نعمت الله خان گهر گهر پاڻي پهچايو، ڪراچي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي به ڪجهه ناهي ڪيو، شهر جي وڏن نالن جي اڃا تائين صفائي نه ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو