ڪيچ: فورسز تي حملو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪيچ: فورسز تي حملو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو 22 فيبروري جي شام ڪيو ويو.سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو