ڪيپيٽل هل ڪيس،ٽرمپ تي فرد جرم عائد

ڪيپيٽل هل ڪيس،ٽرمپ تي فرد جرم عائد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪيپيٽل هيل حملي ۽ 2020 جي صدارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 2020ع جي صدارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪيس پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ اڳوڻي صدر تي ٽيون ڀيرو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب فرد جرم ۾ ڊونلڊ ٽرمپ تي حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ آمريڪا کي ڌمڪائڻ جي سازش جو الزام لڳايو ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي به حقن جي ڀڃڪڙي جي سازش جو الزام لڳايو ويو آهي.فرد جرم تي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪي قوم زوال جو شڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو