ڪرائس چرچ(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن پاڪستان ۽ بنگلاديش کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جون سخت ٽيمون قرار ڏئي ڇڏيون.ڪين وليمسن ۽ مچل سينٽنر هن مهيني شروع ٿيندڙ نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽنهي ملڪي سيريز لاءِ منتظر آهن.ڪين وليمسن جو چوڻ آهي ته ٻن سٺين ٽي ٽوئنٽي ٽيمن پاڪستان ۽ بنگلاديش خلاف کيڏڻ جو موقعو مليو، ورلڊ ڪپ کان اڳ مقابلي واري ڪرڪيٽ کيڏڻ فائديمند ثابت ٿيندو.هن چيو ته ساهه ملڪي ٽورنامينٽ کانپوءِ وارم اپ ميچون آهن، جنهن سان ميگا ايونٽ کان اڳ اسان کي ڪافي مدد ملندي.نيوزيلينڊ جي بالنگ آل رائونڊر مچل سينٽنر چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش تمام سٺيون ٽيمون آهن، اسان کي انهن خلاف کيڏڻ سان رفتار حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.مچل سينٽنر وڌيڪ چيو ته اسان جي اسڪواڊ ۾ سٺا رانديگر آهن، هر شعبي تي ڌيان ڏنو آهي.نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز 7 کان 14 آڪٽوبر تائين ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي.










