اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي تاريخي ميڪڊونلڊ هال ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي مشهور قوال فريد اياز، ابو محمد ۽ حمنوا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.تقريب جو انتظام پاڪستاني سينيٽر سلميٰ عطاءُ الله جان ۽ ڪينيڊا جي پارليامينٽ ميمبر پال شيانگ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ظهير اي جنجوعه جي سهڪار سان ڪيو.تقريب ۾ پاڪستاني نژاد پارليامينٽرين سلميٰ زاهد، اقرا خالد، شفقت علي، ياسر نقوي، سمير زبيري ۽ ٻين ڪينيڊين سينيٽرن، پارليامينٽ ميمبرن، سينيئر ڪينيڊين آفيسرن، پرڏيهي سفيرن، هاءِ ڪمشنرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ ڪينيڊين پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.پاڪستان جي سفير ظهير جنجوعه چيو ته موسيقيءَ جو صوفياڻو رنگ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، جيڪو پوري دنيا لاءِ امن جو پيغام آهي.










