ڪينيڊا جي قطر خلاف وڏي مارجن سان پهرين فتح

ڪينيڊا جي قطر خلاف وڏي مارجن سان پهرين فتح

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ڪينيڊا قطر کي ڇهه ٻُڙي (6-0) جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ٽن قيمتي پوائنٽن سان گڏ ميگا ايونٽ جي تاريخ جي پهرين فتح به حاصل ڪري ورتي، جوناٿن ڊيڊوڊ هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪئي.وينڪوور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪينيڊا قطر کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو، ميچ جي 78 سيڪڙو حصي ۾ بال ڪينيڊا جي رانديگرن وٽ رهي جنهن جو هنن ڀرپور فائدو به اٿاريو. ميزبان ٽيم پهرين هاف ۾ ٽي گول ڪيا، سندن طرفان اسڪورنگ جي شروعات 16هين منٽ ۾ لارين ڪئي، 29هين منٽ ۽ پهرين هاف جي انڪري ٽائيم (اضافي وقت) ۾ جوناٿن ڊيڊوڊ بال مخالف ٽيم جي جاري (گول پوسٽ) ۾ پهچائي، وقفي تائين مقابلو ٽي ٻُڙي (3-0) سان ڪينيڊا جي حق ۾ هو. ٻئي هاف ۾ به اڪثر راند قطر جي ڊي (D) ۾ ٿي، 64هين منٽ ۾ سليبا گول ڪيو، 75هين منٽ ۾ قطر جي رانديگر منائي جي پنهنجي ئي غلطي جي ڪري بال سندن ئي ٽيم جي جاريءَ ۾ هلي وئي جيڪا ڪينيڊا جو پنجون گول ثابت ٿي (اوون گول). راند جي ٻئي هاف جي انڪري ٽائيم ۾ جوناٿن ڊيڊوڊ پنهنجي هيٽ ٽرڪ ۽ ڪينيڊا لاءِ ڇهون گول اسڪور ڪيو، ميچ جو پڄاڻي به ان ئي اسڪور تي ٿي. اها ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪينيڊا جي پهرين فتح هئي، جنهن سان گڏ ئي هنن ٽن قيمتي ۽ مجموعي طور چار پوائنٽن سان گڏ گروپ بي ۾ سوئٽزرلينڊ کان بهتر گول اوسط جي بنياد تي ٽاپ پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو