ملير/ڪوٽڙي ڪبير (شهزادو مستوئي/ پرويز ڀنڊ ) سنڌي وسندي عبدالله ڳوٺ جي رهائشي پورهيت عبدالجبار ايري جو معصوم 12 ورهين جو پٽ ارمان ايري ڪينسر جي موضي مرض مبتلا ٿي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پهچي ويو آهي. آغا خان اسپتال جي ڀلائي فنڊ مان خيراتي آپريشن کان پوءِ حالت وڌيڪ خراب هجڻ سبب ٻارڙو هلڻ گهمڻ کان به لاچار ٿي گهر ۾ بيماري جي بسري پيوآهي جتي هاڻ سندس ڳالهائڻ به بند ٿي ويوآهي. ان سلسلي ۾ ڪالھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي ملير جي اڳواڻ فيض هيسباڻي جي نشاندهي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين ساڻس گڏجي ڄاڻايل ٻارڙي جي گهر پهتا جتي معصوم ارمان جي امڙ صحافين کي ٻڌايو ته اڍائي سال اڳ ارمان صحتياب هو پڙهائي ۽ راند روند ڪندو هو اوچتو هن مٿي ۾ سور جي شڪايت ڪئي ته کيس لانڍي اسپتال کڻائي وياسين جتي ايم آر آئي ٽيسٽ ڪري ارمان کي دماغ جي ڪينسر جو انڪشاف ڪيو ويو دماغ ۾ نالي لڳائي 80 هزار رپيا ورتا ويا جنهن بعد اسان هن کي سال 2017 ۾ آغا خان اسپتال کڻائي وياسين جتي ڀلائي فنڊ مان دماغي رسولي ڪڍڻ جو آپريشن ڪيو ويو جنهن بعد منهنجي پٽ جي حالت ويتر گهڻي خراب ٿي ويئي آهي هو هلڻ گهمڻ کان لاچار ٿي جيئن بستري تي ڪريو آهي ته سندس ڳالهائڻ بند ٿي ويو آهي اسان جي ته دنيا ئي اوندھ ٿي ويئي آهي هن روئيندي اپيل ڪئي ته منهنجي نوجوان پٽ جو علاج ملڪ يا ملڪ کان ٻاهر ممڪن آهي خدا جي واسطي حڪومت، سرندي وارا منهنجي بڄي جو علاج ڪرائي سندس حياتي بچائڻ ۾ مدد ڪن ٻارڙي جي پيءُ پورهيت عبدالجبار ۽ نانو غلام حيدر علي ٻڌايو ته هو مال جي واڙي تي پورهيو ڪري مشڪل سان ٻه ويلا ڪمائين ٿا بدقسمتي سان سندن گلن جهڙو معصوم ٻچو ڪينسر جي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. هنن سنڌ حڪومت، سماجي ڀلائي جي ادارن، خاص طور سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو اسان جي ٻچي جي حياتي بچائڻ لاءِ مالي اخلاقي ۽ انساني طور ارمان جو ٻاهر ملڪ مان علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪن. ٻئي طرف ڪوٽڙي ڪبير ويجھو ڳوٺ غلام نبي سولنگي جي رھواسي پورھيت برڪت علي سولنگي جي پنجن سالن جي معصوم ڌيءَ نور فاطمه گذريل 5 سالن کان ٿيليسيميا جھڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا آھي. ان ڏس ۾ بيمار معصوم نينگري جي والد برڪت علي سولنگي صحافين اڳيان لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته آئون گذريل پنجن سالن کان وٺي مسلسل پنھنجي جگر جي ٽڪر جو وس آھر علاج ڪرائي رھيو آھيان, ڊاڪٽر چون ٿا ته جيسيتائين نينگري جي حياتي آھي اوستائين علاج ھلندو رھندو. ھن چيو ته مان علاج تي گھر جو الھ تلھ کپائي ڇڏيو آھي. ھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه، صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوھو، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته منھنجي معصوم ڌي جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائي مالي سھائتا ڪئي وڃي.










