ڪينسر وگهي 3 ڄڻا فوت، غربت سبب علاج نه ٿيو

ڪينسر وگهي 3 ڄڻا فوت، غربت سبب علاج نه ٿيو

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) آس پاس جي علائقي ۾  ڪينسر وگھي ھڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا آھن. متاثرن ۾ شهر جي ملڪ موچي پاڙي جو رهواسي 50 ورھين جو پورهيت علي دوست ملڪ، سومرا محلي جي رھواسڻ 45 ورھين جي مسمات انور سولنگي ۽  ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي جو رهواسي 35 ورھين جو نوجوان اعجاز شيخ سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. متاثرن جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته فوتي ڪجهه سالن کان بيمار ھئا ۽ مختلف اسپتالن ۾ سندن علاج ڪرايو ويو جنھن ۾ اسان جا لکين روپيه خرچ اچي ويا. آخر سوا سال پھريون کين ڪئنسر جي سڃاڻپ ٿي جنھن لا۽ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ سندن علاج ڪرايو پر مهانگو علاج وس کان وڌي ويو. ٽئي مريض چاق نه ٿي سگهيا ۽ غربت سبب وڌيڪ علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت به وفاق جيان صحت ڪارڊ متٿارف ڪرائي ته جيئن غرب علاج ڪرائي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو