ڪرمپور(ڪريم بخش ملڪ) بلڊ ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ڪرمپور جي يتيم شاگرد ابوذر نصيراڻي جي سهائتا لاءِ صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ شھرين جي سهڪار سان جاويد احمد بجاراڻي ۽ فيض محمد بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ اڄ ڪرمپور شھر ۾ جهولي مهم جو آغاز ڪيو ويو .جن شھر جي دڪانن، گدامن، ريڙھين تان چندو گڏ ڪيو.ماڻھن دل جي ڪشادگي ۽ انسانيت جو درد رکندڙن جهولي مهم ۾ هڪ لک چاليهه هزار ڏھ روپيا چندو ڏيئي انسانيت جو ثبوت ڏنو. ياد رهي ته ابوذر نصيراڻي جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن پاران 18 لک خرچ ٻڌايو ويو آھي.هن وقت ابوذر زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ زندگي گذاريندي ڪنهن مسيحا جو منتظر آھي.










