مورو (اياز سولنگي) ڳوٺ در محمد سولنگي جي رهواسڻ ۽ فقير امام الدين سولنگي جي ڀيڻ عنايت خاتون ڪينسر جي بيماري ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جنهن ڪري گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ٻئي طرف فوت ٿي ويل نياڻي جي وارثن فقير امام الدين سولنگي. وجهه الدين سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نياڻي عنايت خاتون سولنگي ڪافي عرصي کان ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هئي سرڪار، صحت کاتي ۽ سرندي وارن کي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائڻ جون اپيلون ڪيون ويون هيون مگر ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو ۽ هو گهر ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي سرڪار ۽ صحت کاتي وٽ غريب نياڻي جي علاج لاءِ ڪجهه به نه هيو. هنن چيو ته نياڻي کي نواب شاھ جي ڪينسر جي نورين اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو مگر اسپتال جي انتظاميه جو نياڻي سان اڍنگو رويو هو جيڪي بيمار نياڻي ۽ وارثن کي دڙڪا ڏيندا رهيا ۽ آخر ۾ بيمار نياڻي کي اسپتال مان بيدخل ڪري ڇڏيو.










