ڪينجھر ڍنڍ تي اليڪٽرانڪ گيٽ لڳائڻ جي منظوري

ڪينجھر ڍنڍ تي اليڪٽرانڪ گيٽ لڳائڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي بورڊ جو ستون اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ سنڌ ٽوئرزم ڊولپمینٽ ڪارپوريشن جي چيئرمين طور صدارت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي قاسم سراج سومرو، سيڪريٽري ثقافت سنڌ ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو، سيڪريٽري فنانس ۽ ٻين STDC بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ٽوئرز ڊولپمینٽ ڪارپوريشن جي بورڊ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، گڏيل طور تي پنج ایجنڊا پيش ڪيا ويا جڏهن ته مالي سال 2022، 2023 جي بجيٽ منظوري پڻ ڏني وئي. سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير چيو ته سنڌ ٽوئرزم ڊولپمینٽ ڪارپوريشن پنهنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ موثر اُپاءَ وٺي ۽ سياحتي ماڳن تي ٽوئرسٽ کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪينجھرڍن تي اليڪٽرانڪ گيٽ لڳايا ويندا ته جيئن سياحن جي صحيح انگ جو اندازو لڳائي سگھجي. صوبائی وزیر چیو اليڪٽرانڪ گيٽ لڳائڻ STDC جي آمدني جو صحيح اندازو به لڳائڻ ممڪن ٿي سگھندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ٽوئرزم ڪارپوريشن جي ايسٽس/ ملڪيتن جي حوالي جي لاءِ تجويز ڪيل رقم جي منظوري لاءِ سمري وزير اعليٰ سنڌ کي اُماڻي ويندي. ان موقعي تي اجلاس ۾ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر سنتوش ڪمار جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور سنڌ ٽوئرزم ڪارپوريشن ۾ مقرري جي به منظوري پڻ ڏني وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو