ڪينال متاثر سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ امداد جا منتظر

سکر(امداد علي ڪلوڙ ) پوري سنڌ جيان سکر ۾ به ايريگيشن کاتي پاران نهرن تي قبضو ڪندڙن کان زمين خالي ڪرائڻ  لاءِ رائيس ڪينال، دادو ڪينال، کير ٿر کان پوءِ پراڻي سکر جي علائقي زيرو پوائنٽ جي ڪچي واري بند تي ضلعي انتظاميه ۽ ايريگيشن کاتي جو آپريشن تيزي سان جاري آهي. انتظاميه ۽ ايريگيشن کاتي جي هيوي مشينري ذريعي ڪينالن تي رهندڙ ماڻهن جي گهرن کي ڀڃي رهيا آهن آپريشن کان بعد پنهنجي گهرن کي ڊاهيندي ڏسي ڪيترائي متاثر پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ سخت سردي ۾ کليل آسمان  هيٺان زندگي گذاري رهيا آهن ليڪن افسوس اڃا تائين ضلعي آفيسرن، سکر جي منتخب نمائيندن ان جي داد رسي لاءِ نه پهتا آهن.

متاثرن جو چوڻ آهي ته اسان هتي ڪئي سالن کان رهائش ڪندڙ آهيون ليڪن متبادل جڳھ فراهم ڪرڻ بنا اسان کي گهر کان بي گهر ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به قسم جي سهولت مهيا نه ڪئي وئي آهي صرف اعلان  رهيا آهن. متاثرين ڪينال بالا آفيسرن کي پنهنجي حال تي رحم ڪندي متابادل جڳھ  مهيا ڪرڻ سميت ٻيون سهولتن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي.  متاثرن جو چوڻ آهي ته خدارا اسان تي رحم ڪيو ننڍا ننڍا ٻڄا آهن  رت ڄمائيندڙ سخت سردي آهي الله جي واسطي اسان جي مدد ڪيو اسان کي جڳھ ڏيو يا اسان کي سردي کان بچاءِ لاءِ ڪو عارضي بندوبست ڪيو ته جيئن اسان جا ننڍا ننڍا ٻچا ۽ بيمار سردي کان بچي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو