ڪيس پراپرٽي پيش نـ ڪرڻ تي ڪاوڙ، ايڇ او ۽ هيڊ محرر  هٿڪڙيون

ڪيس پراپرٽي پيش نـ ڪرڻ تي ڪاوڙ، ايڇ او ۽ هيڊ محرر هٿڪڙيون

ٺٽو (ن س)ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٺٽو جي ٽين سول جج ٺٽو ايس ايڇ او ٺٽو الهڏنو پنهور ۽ هيڊ محرر دوست گابار تي عدالت ۾ ڪيس پراپرٽي پيش نـ ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت سڳوري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او ٺٽو الهڏنو پنهور ۽ منشيات فروشن جي سهولتڪار ٺٽي ٿاڻي جي وڏي منشي دوست محمد گابار کي 20 منٽن تائين هٿڪڙيون هڻي سزا طور بيھاري ڇڏيو،عدالت سڳوري جو چوڻ ھو تـ روزانو ڪئي ڪيس داخل ٿين ٿا پر ڪيس جي ملڪيت جو ڪو به پتو نه پيو آهي.ياد رهي ته جڏهن کان موجوده ايس ايڇ او ٺٽو الهڏنو پنهور ايس ايڇ او ٺٽو جي چارج سنڀالي آهي، تڏهن کان شهر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جڏهن ته منشيات جو ڪاروبار خاص ڪري آئيس جھڙي نشي جو ڪاروبار عروج تي آهي. شهر جا نوجوان نشئي بڻجي رهيا آهن، جڏهن ته ٺٽي شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار مافيا جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، ڪيترائي منشيات فروش ارب پتي بڻجي ويا آهن، جڏهن ته ٺٽي جي موجوده ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته هو هڪ بااثر شخص آهي، دنيا ۾ ڪا بـ اھڙي طاقت ناھي جو سندس اجازت کان سواءِ ٺٽي پوليس اسٽيشن تان کيس ٽرانسفر ڪري سگھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو