سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي )پوليس لائن ھيڊ ڪوارٽر ۾ پوليس آفيسرن لاءِ ھڪ ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، ڊي ايس پيز ۽ انويسٽيگيشن آفيسرن شرڪت ڪئي تقريب جي خاص مهمان سيشن جج سانگھڙ جاويد احمد ڪيريو پوليس آفيسرن کي ٽريننگ ڏيندي چيو ته ڪھڙي طريقي سان ڪيس فائل ڪجي ۽ ڪيس فائل ڪرڻ وقت ڪھڙين ڳالھين جو خيال رکجي ته جيئن ڪيس مظبوط ٿي سگھي،

ان موقعي تي ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي چيو ته ٽريننگ جو مقصد پوليس جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ آهي انويسٽيگيشن جو معيار بهتر نه ھئڻ ڪري ڏوھاري آزاد ٿي ويندا آهن ۽ ان تربيتي ورڪشاپ مان پوليس آفيسرن کي اھو سکڻ جو موقعو ملندو ته ڪيس داخل ڪرڻ يا جانچ وقت ڪھڙين ڳالھين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيئن ڏوھارين کي سزا ڏياري سگھجي ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پراسيڪيوٽر سيد سردار اعظم ۽ پراسيڪيوشن آفيسر شير گل نيازي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










